يوراگوئي جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم پورچوگال کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

يوراگوئي جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم پورچوگال کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

روس جي شهر سوچي ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي سلسلي واري ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي.

ميچ جي پهرين هاف جي ستين منٽ ۾ يوراگوئي پاران ڪيواني هڪ گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي، جنهن کي ميچ جي 55هين منٽ ۾ پورچوگال پاران پيپي گول ڪري ميچ کي برابر ڪري ورتي.

ميچ جي 62هين منٽ يوراگوئي جي ڪيواني ٻيو گول اسڪور ڪري ٽيم کي مخالف ٽيم خلاف هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي طرح ارجنٽينا بعد پورچوگال جي ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*