فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ روس جي شهر ڪازان ۾ کيڏي وئي

فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ روس جي شهر ڪازان ۾ کيڏي وئي،جنهن ۾ فرانس جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ليونل ميسي جي ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِڪواليفاءِ ڪري ورتو.

روس جي شهر ڪازان ۾ کيڏي ويل ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ فرانس ۽ ارجنٽينا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويل ميچ دلچسپ ۽سخت ثابت ٿي.

ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن هڪ ٻئي جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري گول اسڪور ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.

فرانس جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ارجنٽينا جي ٽيم کي ٽن جي ڀيٽ ۾چئن گولن تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

فرانس جي ٽيم پاران گريزمين، پاوارڊ هڪ-هڪ ۽ ايمبپي ٻه گول اسڪور ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ته ارجنٽينا جي ٽيم پاران ڊي ماريا، مارڪاڊو ۽ڪيونِ اگاريو هڪ-هڪ گول اسڪور ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*