دهشتگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور سانحي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

شڪارپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شڪارپور سانحي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس ڪربلا امام بارگاهه تي آپگهاتي ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل خليل احمد بروهي ۽ غلام رسول بروهي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رمانڊ لاءِ  پيش ڪيو.

عدالت ٻنهي جوابدارن کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 ٻنهي جوابدارن کي پوليس  20 ڏينهن اڳ سلطان ڪوٽ واري علائقي مان گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*