روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ اڄ ٻه ميچز کيڏيون وينديون

روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ اڄ ٻه ميچز کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾اسپين جي ٽيم ميزبان روس سان ،جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪروشيا جي ٽيم ڊينمارڪ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

روس جي مختلف شهرن ۾جاري فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ ۾ اڄ پهرين ميچ ۾ اسپين جي ٽيم ميزبان روس سان گادي واري شهر ماسڪو ۾ مهاڏو اٽڪائيندي.

ميگا ايونٽ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي ٻي ميچ ۾  ڪروشيا ۽ڊينمارڪ جون ٽيمون روس جي شهر نزهاني نووگوروڊ ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

پهرين مرحلي بعد ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ دنيا جي مختلف ٽيمن وچ ٿيندڙ ميچز کي ڏسڻ لاءِ تماشائين جو هڪ وڏو انگ اسٽِيڊيمز جو رخ ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*