پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته قومي ٽيم ٽي ملڪي سيريز سان گڏ زمبابوي جي ٽيم خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته قومي ٽيم ٽي ملڪي سيريز سان گڏ زمبابوي جي ٽيم خلاف رٿيل پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي.

زمبابوي جي شهر هراري ۾ قومي ٽيم گذريل ٻن ڏينهن کان هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور تياريون ڪيون.

گذريل ڏينهن ٽريننگ سيشن بعد ميِڊيا سان ڳالهائيندي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيوته زمبابوي جي ٽيم کي هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جو ايڊوانٽيج حاصل آهي، پر هوندي به ٽيم ميزبان ٽيم کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿي ويندي.

هن وڌيڪ چيو ته ايونٽ  ۾ آسٽريليا جي ٽيم هڪ مضبوط ٽيم آهي،پر جهڙي طرح کين انگلينڊ ون ڊي ۽ٽي-ٽوئنٽِي سيريز ۾ شڪست ڏئي آهي ان سان ڪينگروز جي ٽيم جا حوصلا گهڻا بلند نهن هوندا،جنهن جو پورو فائدو حاصل ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*