ڪنڌڪوٽ جَي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ ناري کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ جَي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ ناري کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پوليس پهچي لاشن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڳوٺ بخشو سندراڻي ۾ جوابدار لالا سندراڻي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ بعد لاش گم ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن ساڳئي ڳوٺ ۾ جوابدار ڏاتو سندراڻيءَ پنهنجي 16 سالن جي  نياڻي کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

علائقي واسين موجب، جوابدار پنهنجي ڌيءَ کي گولين جو کاڄ بڻائڻ کانپوءِ لاش گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن جي جاچ جاري آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*