زرعي پاڻي کوٽ خلاف سانگهڙ واسڻ بيواهه عورت شبيران جمالي سانگهڙ کان ڪراچي تائين اڪيلي سر پيادل مارچ شروع ڪري ڇڏيو

زرعي پاڻي کوٽ خلاف سانگهڙ واسڻ بيواهه عورت شبيران جمالي سانگهڙ کان ڪراچي تائين اڪيلي سر پيادل مارچ شروع ڪري ڇڏيو، شبيران جمالي چيو آهي ته سندس 9 ايڪڙ زمين کي پاڻي نه ڏنو ويو ته هو وزيراعليٰ هائوس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندي.

 چڪ 78 ڳوٺ جي رهواسي بيواهه عورت مسلسل پاڻي کوٽ کان تنگ ٿي احتجاج ڪندي پيادل لانگ مارچ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

  پريس ڪلب سانگهڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت شبيران جمالي ٻڌايو ته  9 ايڪڙ سندس زمين کي 2 ورهين کان پاڻي نه پيو ڏنو وڃي، هن جو گذر سفر انهي زمين تي آهي، جيڪو پاڻي نه هجڻ سبب ختم ٿي رهيو آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته هو اڄ کان ڪراچيءَ تائين پيادل مارچ جو آغاز ڪري رهي آهي ۽ ڪراچيءَ پهچڻ تي وزيراعليٰ هائوس اڳيان هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندي.

 هن چيو ته جيڪڏهن هو رستي ۾ مري وئي ته ان جي ذميوار پاڪستان جي حڪومت هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*