سپريم ڪورٽ راولپنڊي ۾ اسپتال کي 18 مهينن ۾ مڪمل ڪري فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ راولپنڊي ۾ اسپتال کي 18 مهينن ۾ مڪمل ڪري فعال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ٻه سال نه ٿو ڏئي سگهان، 18 مهينن  ۾ ڪم مڪمل ڪيو وڃي، اسپتال جي اڏاوت ۾وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي.منهنجي هوندي فنڊز ۾ ڪا به پريشاني نه ٿي سگهي .

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ مدر چلڊرن اسپتال جي اڏاوت ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد، نيسپاڪ، پي ڊبليو ڊي ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نظرثاني پي سي ون سبب وڌيڪ 3 ارب رپيا گهرجن، نئين ڊيزائن ۾ آپريشن ٿيٽر ٻن مان وڌائي 14 ڪيا ويا آهن،

ايڊيشنل اثارني جنرل چيو ته حڪومت اسپتال جي تعمير مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 سالن لاءِ مهلت گهري آهي. جنهن تي عدالت ٻن سالن واري استدعا رد ڪري ڇڏي.

 چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اسپتال  جي عمارت 18 مهينن ۾ مڪمل ڪري فعال ڪئي وڃي، اسپتال جي اڏاوت ۾ اڳ ئي 10 سال دير ٿي چڪي آهي، وڌيڪ دير دير برداشت نه ڪئي ويندي.

چيف جسٽس چيو ته لاڳاپيل ادارن جوڊيشل اڪيڊمي ۾ 2 ڪمرا الاٽ ڪري ڇڏيان ٿو، لاڳاپيل عملدار روزاني جي بنياد تي رپورٽ ڏين.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڏهه سالن کان اسپتال تعمير نه ٿي آهي، اسٽاف جي ماڻهن جا گهر ٺهي ويا آهن، انهن ۾ ماڻهو به رهي رهيا آهن،

ان موقعي تي شيخ رشيد چيو ته اسپتال ٺهي وڃي ته قوم تي اوهان جو احسان ٿيندو، خدا ڪري منهنجي زندگي به اوهان کي لڳي وڃي.

شيخ رشيد چيف جسٽس کي  مخطاب ٿيندي چيو ته منصوبو اوهان جي نالي سان هئڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان جو مقصد رڳو اهو آهي ته اسپتال آپريشن ٿئي، ڊيمز جي گڏجاڻي دوران بريفنگ ٻڌي ڏاڍي تڪليف ٿي.

چيف جسٽس  چيو ته ڪجهه ماڻهو حالتن ۽ واقعن کي ڏسي تڪليف ۾ اچي ويندا آهن، منهنجي وڃڻ کانپوءِ به اسپتال کي فنڊنگ جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو.

شيخ رشيد چيف جسٽس کي درخواست ڪئي ته اوهان هڪ ڀيرو اسپتال جي سائيٽ جو وزٽ ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هاڻ اسپتال جي دوري جي ضرورت نه آهي، جيڪا هدايت اتي ڏيڻي هئي، هتي ئي ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته شيخ رشيد ۽ سمورا لاڳاپيل عملدار گڏ ويهن ۽ اسان کي 18 مهينن ۾ اسپتال جو ڪم مڪمل ڪرڻ جو پروگرام ٻڌائن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*