عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ مان راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ واري ڪيس ۾ ڌر بڻجي رهيو آهيان

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ مان راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ واري ڪيس ۾ ڌر بڻجي رهيو آهيان، چيف جسٽس کي غريب ماڻهن جي تڪليفن کي به ڄاڻڻو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ملڪي تاريخ جي بهترين اسپتال ٺهرائي پئي وڃي،  جنهن ۾ 14 آپريشن ٿيٽر ٺاهيا ويندا، جڏهن ته سڀاڻي کان اسپتال  جو ڪم شروع ٿي ويندو، .

هن چيو ته اسپتال جي عمارت جو 60 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي، جيڪا 18 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته چيف جسٽس چيو آهي ته اپستال کي ڇهن مهينن ۾ مڪمل ڪنداسين ۽ پاڻي جي مسئلي کي به ڏسنداسين.

هن چيو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ مان راولپنڊي ۾ پاڻي کوٽ جي ڪيس ۾ ڌر بڻيو آهيان.

شيخ رشيد چيو ته منهنجو مطالبو آهي ته غازي بروٿا ڊيم مان راولپنڊي کي 2 سئو ملين گيلن پاڻي روزانو ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*