گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سيڪيورٽي چيلنجز آهن

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سيڪيورٽي چيلنجز آهن، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 2 لک اهلڪارن حصو ورتو، دهستگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي،

نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سيڪيورٽي چيلنجز آهن،

هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 2 لک اهلڪارن حصو ورتو،

پاڪستاني سفير چيو ته دهستگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي،

هن چيو ته دهشتگردي خلاف ڪو به ملڪ اڪيلي سر ڪاميابي نٿو حاصل ڪري سگهي،

مليحه لوڌي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ عالمي سطح تي قدم  کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*