اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز پاران  ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز پاران  ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب، ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو سينئر قيادت سان صلاح مشوري بعد ڪيو ويو آهي، وازشريف مختلف شهرن ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ هدايت به ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري ڪلثوم نواز جي طبعيت خراب هئڻ سبب سندس لنڊن ۾ علاج هلي رهيو آهي، جنهن سببب نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز به لنڊن ۾ موجود آهن،

بيگم ڪلثوم نواز جو اڄ تفصيلي طبي معائنو ڪرڻ بعد سي ٽي اسڪين به ڪيو ويندو،

سڀاڻي نوازشريف جي ڊاڪٽرن سان تفصيلي ملاقات ٿيندي، جنهن بعد ڊاڪٽر کيس ڪلثوم نواز جي طبيعت بابت کيس بريفنگ ڏيندا.

ذريعن موجب، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز پاران  هڪ هفتي اندر ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

ڏيهه واپس اچڻ جو فيصلو سينئر قيادت سان صلاح مشوري بعد ڪيو ويو آهي، نوازشريف ۽ مريم نواز مسلم ليگ ن جي چونڊ مهم جي قيادت ڪندا،

ذريعن موجب، نوازشريف ڏيهه واپسي جو فيصلو پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي دٻاءُ تي ڪيو آهي، جڏهن ته پهرين مريم نواز جي ڏيهه جي تجويز تي به غور ڪيو ويو آهي،

ذريعن موجب، نوازشريف مختلف شهرن ۾ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ هدايت به ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*