آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اونرز فيڊريشن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو
آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اونرز فيڊريشن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ترجمان چيو آهي ته اگهن جي واڌ ۾ فيصلو واپس نه ورتو ويو ته ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي.
آل پاڪستان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اونرز فيڊريشن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ترجمان حافظ جهانگير چيو آهي ته 4 جولاءِ تائين پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سڄي ملڪ ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ڪنداسين،
ترجمان چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ٽرانسپورٽر ۽ مسافر برداشت نه ٿا ڪري سگهن،
هوڏانهن اطلاعات واري نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ وارو ڏکيو فيصلو ڪرڻو پيو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر هو.