ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪپڙي جي گودام کي شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه تي 12 ڪلاڪن کان پوءِ ضابطو اچي ويو
ڪراچي جي سائيٽ واري علائقي ۾ ڪپڙي جي گودام کي شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه تي 12 ڪلاڪن کان پوءِ ضابطو اچي ويو، گودام ۾ باهه لڳڻ سبب گهڻو مالي نقصان ٿيو آهي.
فائربرگيڊ عملي چيو آهي ته فائربرگيڊ جي 8 گاڏين باهه وسائڻ ۾ حصو ورتو آهي.
انتظاميه جو چوڻ آهي ته گذريل رات تقريبن 11 وڳي شارٽ سبب گودام ۾ باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو مالي نقصان ٿيو آهي.