واپار ۽ سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان کي امداد ڏني پئي وڃي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن

.

آمريڪا، پاڪستان جـِي امداد گهٽائڻ ۽ اندروني سياست ۾مداخلت واري تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جو چوڻ آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان کي امداد ڏني پئي وڃي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ واري غلطي ٻيهر نه ورجائي ويندي.

اسلام آباد ۾ نـَسٽ يونيورسٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي سفير رچرڊ اولسن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پاڪ افغان بارڊر مئنيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو.

هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي امداد ۾ گهٽتائي نه ڪري پيو ، ان حوالي سان تاثر غلط آهي، سيڙپڪاري ۽ واپار جي مـُد ۾پاڪستان کي امداد ڏني پئي وڃي.

آمريڪي سفير چيو ته پاڪستان ۾ جاري سياسي بحران اندروني معاملو آهي، آمريڪا پاڪستان جي اندروني سياست ۾ مداخلت ناهي ڪندو، اميد آهي ته بحران جلد حل ٿي ويندو.

رچرڊ اولسن وڌيڪ چيو ته آمريڪا، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ واري ماضي جي غلطي نه ورجائيندو، هلندڙ سال فوج جي نيڪالي وارو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به 9 هزار 8 سئو آمريڪي فوجي افغانستان ۾ موجود رهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*