پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان پهچي پهچي رهيو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ اڄ ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان پهچي پهچي رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي سڪيورٽي جي حوالي سان سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري اڄ گهگهر ڦاٽڪ پهچندو، جتان کيس جلوس جي صورت ۾ ٺٽي آندو ويندو.

پ پ چيئرمين ٺٽي جي مين اسٽاپ تي پارٽي ورڪرز کي گاڏي مان خطاب ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي کانپوءِ سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به چونڊ مهم جي سلسلي ۾ دورا ڪندو.

پ پ چيئرمين جي سڪيورٽي جي حوالي سان سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*