قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج جاري آهي

قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو ڪيس ۾ نامزد سڀني جوابدارن جي گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاج جاري آهي، 55 هين ڏينهن به وارثن دولت پور صفن پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ معشوق علي جوکيو، علي حسن جوکيو، قربان جوکيو ۽ ٻين مظاهرين ٻڌايو ته انٽر ڪلاس جي شاگرد سجاد جوکيو ڪيس جي نامزد ڪيل سڀني جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل اڳوڻي ايس ايڇ او کي جيل اندر سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

 هنن وڌيڪ چيو ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ با اثر ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

 مظاهرين وس واران کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس جي ڄاڻايل سڀني جوبدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*