سپريم ڪورٽ اين اي 66 جهلم تان ن ليگ اميدوار بلال اظهر ڪياني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين اي 66 جهلم تان ن ليگ اميدوار بلال اظهر ڪياني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، وڪيل چيو آهي ته بلال ڪياني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي ٻٽي شهريت ڇڏي ڏني هئي.

سپريم ڪوٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ بلال اظهر ڪياني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئ.ي

ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته بلال ڪياني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ ئي ٻٽي شهريت ڇڏي ڏني هئي.

بلال ڪياني جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي بلال ڪياني کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته چونڊن وڙهڻ کان اڳ ووٽرن کي ٻڌائڻو آهي ته اميدوار ڪٿان جو شهري آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي لڳي ٿو ته بلال ڪياني کي چونڊ ۾ حصو وٺڻو ئي ناهي، چيو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻجي رهي آهي.

چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن تڪراري ٿيندي پئي وڃي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ايندا آهيو؟.

عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد بلاول اظهر ڪياني کي اين اي 66 جهلم تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*