ايس ايس پي سٽس ڪراچي سميع الله سومري چيو آهي ته لياري ۾ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي پٿراءُ ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي

ايس ايس پي سٽس ڪراچي سميع الله سومري چيو آهي ته لياري ۾ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي تي پٿراءُ ڪندڙن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ايس ايس پي سٽي سميع الله سومري چيو ته ريلي تي پٿراءُ واري واقعي جو ڪيس ڪلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ڪيس ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ايس ايس پي سٽي جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي موبائل فون لوڪيشن ذريعي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

گذريل ڏينهن لياري ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي ريلي دوران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙن پٿراءُ ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا ۽ 2 ڪارڪن زخمي ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*