واٽر ڪميشن ڪراچي جي فيڪٽري مالڪن کي ٻن مهينن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واٽر ڪميشن ڪراچي جي فيڪٽري مالڪن کي ٻن مهينن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واٽر ڪميشن سربراهه چيو ته ٻن مهينن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳايا ويا ته فيڪٽري بند ڪري ڇڏينداسين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، فيڪٽرين جا مالڪ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.

واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم فيڪٽرين جي مالڪن کي هدايت ڪندي چيو ته ٻن مهينن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳايا وڃن، ٻي صورت ۾ فيڪٽرين کي سيل ڪيو ويندو.

واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران گلستان جوهر جي بلاڪ 14 جي رهواسين پاڻي نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

رهواسين الزام هنيو ته واٽر بورڊ جو عملو پاڻي ڏيڻ لاءِ پئسا گهري رهيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

واٽر ڪميشن سربراهه واٽر بورڊ گلستان جوهر جي ايڪسئين ۽ رهواسين کي سڀاڻي صبح جو پيش ٿيڻ جو حڪم ڪيو آهي.

ايم ڊي واٽر بورد واٽر ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته هڪ لک ٻوٽا لڳائينداسين، پهرين مرحلي ۾ 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا.

واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ۾ چيو ته پهرين شروعات ته ڪريو، اڄ مان نم جو ٻوٽو پوکيندس، جيڪو منصوبو بغير افتتاح جي هلي ٿو اهو  ئي ڪامياب ٿئي ٿو.

واٽر ڪميشن چيو ته پاڻي جي چوري ۽ ضايع ٿيڻ کي روڪڻ گهرجي، 30 سيڪڙو ليڪيج روڪيو ته پاڻي بچي سگهي ٿو.

واٽر ڪميشن جي ڪارروائي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*