پ ٽ الف پاران بدين، کپرو ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن تي به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

پ ٽ الف پاران بدين، کپرو ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ اڄ ٻئي ڏينهن تي به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

بدين ۾ پ ٽ الف اڳواڻ بهادر ٽالپر ۽ نور محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به بدين ۾ ايوان صحافت سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

کپري ۾ پرائمري ٽيچرز اسوسيئيشن پاران اڄ ٻي ڏينهن به پير بخش راڄڙ ۽ محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ استادن پاران تعليم کاتي جي آفيس آڏو احتجاجي ڪيمپ لڳائي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

پ ٽ الف جي اڳواڻن چيو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي استادن کي پنهنجي جائز حقن کان به محروم رکيو پيو وڃي.

هنن چيو ته استادن پاران ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج جاري آهي، پر تعليم کاتي جي عملدارن جي ڪن تي جونءَ به نه پئي چري.

پ ٽ الف اڳواڻن گهر ڪئي ته ڪانٽريڪٽي استادن کي پڪو ڪرڻ ۽ سروس الائونس ۾ واڌ سميت ٻيا جائز مطالبا منظور ڪري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*