ميرپوربٺورو جي يوسي جهوڪ شريف جي پوليو ورڪرز گذريل سال جو معاوضو نه ملڻ خلاف پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي

ميرپوربٺورو جي يوسي جهوڪ شريف جي پوليو ورڪرز گذريل سال جو معاوضو نه ملڻ خلاف پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

يوسي جهوڪ شريف جي پوليو ورڪرز سليمان لنڊ ۽ صدام جتوئي جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو پهچي احتجاج ڪندي پوليو مهم جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو.

پوليو ورڪرز چيو ته ڊبليو ايڇ او طرفان کين پوليو مهم جو تمام گهٽ معاوضو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته اڃا تائين حڪومت گذريل سال جو معاوضو ناهي ڏنو ويو.

هنن چتاءُ ڏنو ته کاتي جي عملدارن پاران مسئلو حل ڪرڻ تائين پوليو مهم جو بائڪاٽ جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*