لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  چونڊن کانپوءِ 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  چونڊن کانپوءِ 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کان ٻاهر ويندي ئي اوهان بيان ڏيندا آهيون ته اوهان جي جماعت کي نشانو بڻايو پيو وڃي، هڪ طرف اوهان چئو ٿا ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪنداسين پر پوءِ ٻاهر وڃي اهي ساڳيون ڳالهيون ڪندا آهيون، اوهان سياسي ورڪر آهيو، سياسي ماڻهن جي دل عام ماڻهن لاءِ وڏي هوندي آهي، اوهان عدالت بابت اهڙا ڪمنٽس ڪندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟.

لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي تي ٻڌل ٽه رڪني فل بينچ احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران احسن اقبال جي وڪيل طرفان تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو، جنهن ۾ احسن اقبال پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.

عدالت احسن اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پنهنجي جواب ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي، اوهان پنهنجي جواب ۾ پنهنجي تعريف وڌيڪ ڪئي آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کان ٻاهر ويندي ئي اوهان بيان ڏيندا آهيون ته اوهان جي جماعت کي نشانو بڻايو پيو وڃي،

عدالت چيو ته هڪ طرف اوهان چئو ٿا ته اهڙيون ڳالهيون نه ڪنداسين پر پوءِ ٻاهر وڃي اهي ساڳيون ڳالهيون ڪندا آهيو،

عدالت چيو ته اوهان سياسي ورڪر آهيو، سياسي ماڻهن جي دل عام ماڻهن لاءِ وڏي هوندي آهي، اوهان عدالت بابت اهڙا ڪمنٽس ڪندا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟.

جسٽس عاطر محمود ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن فيصلو اوهان جي حق ۾ اچي ته عدليا سٺي اهي نه ته خراب اهي، اوهان ٻڌايو ته اوهان جي جماعت کانسواءِ ٻي ڪنهن جماعت جوڊيشري تي ڳالهايو آهي. پيپلزپارٽي تي جيڪو ظلم ٿيو، انهن ڪجهه به نه ڳالهايو،

عدالت چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي پيش ٿيو، جيڪو ميرٽ هو ان کي ڏنو.

احسن اقبال جي وڪيل استدعا ڪئي ته غيرمشروط معافي گهري آهي، جنهن سبب توهين عدالت ڪارروائي ختم ڪئي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*