سپريم ڪورٽ ايئر بليو انتظاميا طرفان سڌي ريت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ تي پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ايئر بليو انتظاميا طرفان سڌي ريت عدالت ۾ جواب جمع ڪرائڻ تي پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته 50 هزار رپيا فاطمه فائونڊيشن ۾ جمع ڪرايا وڃن، متاثرن لاءِ جمع ڪيل چيڪ ڪيش ڪرايا وڃن، چيڪ ڪيش ڪرائڻ بعد منافعي بخش اسڪيم ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ايئر بليو جهاز حادثي جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان رقم اڪائونٽ ۾ پئي آهي،  مارڪ اپ ڪير ڏيندو، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ايئر بليو متاثرن کي معاوضو ادا ڪري ڇڏيو آهي.

ايئر بليو جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته فوت ٿيل 136 ڄڻن جي وارثن کي معاوضي جي رقم وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته 8 ڄڻن جي وارثن جي معاوضي جي رقم عدالت ۾ هلي وئي آهي،

جنهن تي عدالت 8 متاثرن جا چيڪ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عدالت رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تان ايئر بليو ڪمپني تي 50 هزار رپيا ڏنڊ وڌو،

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ورثن ڪيس سول عدالتن ۾ به هلي رهيا آهن،

جنهن تي سپريم ڪورٽ ماتحت عدالت کي معاوضي بابت ڪيسن کي ٽن مهينن ۾ اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*