بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاران  پ پ بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ کي ناهل ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي

بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاران  پ پ بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ کي ناهل ڪرڻ وارو آر او جو فيصلو برقرار رکيو ويو آهي، عدالت پي بي 10 تي آزاد اميدوار مير عالي بگٽي کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

بلوچستان هاءِ ڪورٽ پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ کي عام چونڊن لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نذير لانگو تي ٻڌل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي بينچ درخواست تي فيصلو ٻڌايو ۽  ريٽرننگ آفيسر ۽ اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو.

سپريم ڪورٽ پيپلزپارٽي جي امير عمراڻي کي اليڪشن اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي .

سپريم ڪورٽ ۾ امير عمراني جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

وڪيل استدعا ڪئي ته امين عمراڻي پي بي 12 تان چونڊ وڙهڻ چاهي ٿي، ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.

بلوچستان عوامي پارٽي جي مير شعيب نوشيرواني جي اپيل تي به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو

صوبائي اسيمبلي جي پي بي 12 تان پ پ اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي صدر بابو محمد امين عمراڻي اليڪشن ٽربيونل ڪوئٽا تان پنهنجي نااهلي جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ نواب محمد مير عالي خان بگٽي کي پي بي 10 ڊيرا بگٽي تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*