پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو عوام سان پراڻو ڳانڍاپو آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو عوام سان پراڻو ڳانڍاپو آهي، پ پ تشدد واري سياست تي يقين نٿي رکي، عوام تشدد واري سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو.

ڪراچي جي علائقي ملير ۽ گلشن حديد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڌماڪن کان نه ڊني هئي، سندس پٽ پٿرن کان ڪيئن ڊڄندو؟.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري ۾ هزارين ڪارڪنن جي شاندار آجيان مخالفن کان برداشت نه ٿي، تنهن ڪري ريلي تي پٿراءُ ڪرايو ويو.

هن چيو ته اسٽيل مل شهد ذوالفقار علي ڀٽو جي نشاني آهي، ان کي تباهه ڪري نه ڏينداسين، پورهيتن سان هر جدوجهد ۾ گڏ هونداسين.

پ پ  چيئرمين چيو ته نون ليگ جي حڪمرانن اسٽيل مل کي هٿ سان تباهه ڪيو آهي، ملازمن کي پگهارون ملڻ مسئلو بڻجي ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ماضي ۾ عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، پ پ هميشه غريبن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*