تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري بلاول تي پٿراءِ جي مذمت ڪندي  چيو آهي ته تشدد جي سياست نه ٿيڻ گهرجي

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري بلاول تي پٿراءِ جي مذمت ڪندي  چيو آهي ته تشدد جي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چار سئو ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ به غلط عمل آهي، ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ۾ دير قبول نه ڪنداسين، علامتي طور به چونڊون ملتوي ٿيڻ جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته سوشل ميڊيا تي فرقي جي بنياد تي مهم پئي هلي پر اليڪشن ڪميشن چپ آهي،

هن چيو ته بجلي وارو کاتو شريف ڪٽنب جي اثر هيٺ آهي، اهو پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال پيا ڪن،

تحريڪ انصاف ترجمان چيو ته ڪي پي ۽ پنجاب جا گورنر تبديل ٿيڻ گهرجن پر صوبن جا گورنر تبديل ڪرڻ وارو اسان جو مطالبو اليڪشن ڪميشن منظور نه ڪيو آهي،

هن چيو ته سنڌ ۾ زرداري جو ڀيڻويو سيڪريٽري بڻيل آهو، هو اثرانداز ٿي سگهي ٿو،

فواد چوڌري چيو ته اسان بلاول تي پٿراءُ جي مزمت ڪريون ٿا، تشدد جي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ چار سئو ماڻهن تي ايف آءِ آر به داخل نه ٿيڻ گهرجي ها،

تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو ته فاٽا وارا به چونڊون ملتوي ڪرڻ جو مطالبو نه ڪن ۽ پنهنجو احتجاج ختم ڪن، اسان نوازشريف جي بياني کي رد ڪريون ٿا.

هن چيو ته نوازشريف فوج خلاف جيڪو موقف اختيار ڪيو، ان جي ڪري ملڪ جو نالو گري لسٽ ۾ آيو ۽ ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿيو،

ترجمان چيو ته مفتاح اسماعيل ۽ اسحاق ڊار جي پاليسين جي ڪري معاشي مسئلا وڌيا آهن،  هو هڪ ٻي تي الزام پيا هڻن ،

فواد چوڌري چيو ته پوري قوم چونڊن لاءِ تيار آهي، عمران خان جي جلسن جو شيڊول اچي ويو آهي، چونڊ مهم رڳو اسان جي هلي پئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد چيو ته عمران خان وزير اعظم جي عهدي جو حلف ڊي چوڪ تي کڻندو،

سينيٽر فيصل چيو ته پي ٽي وي تي به ن ليگ جو اثر آهي، سرڪاري ٽي وي کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، اسٽيٽ ٽي وي تي هڪ ڊبيٽ شروع ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ سڀني جماعتن کي وقت ملڻ گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*