پ پ اميدوار خورشيد شاهه، سندس ٻن پٽن ۽ نعمان اسلام شيخ جا نامزدگي فارم بحال ڪرڻ واري فيصلي کي هاءِ ڪورٽ۾چئلينج ڪيو ويو آهي

پ پ اميدوار خورشيد شاهه، سندس ٻن پٽن ۽ نعمان اسلام شيخ جا نامزدگي فارم بحال ڪرڻ واري فيصلي کي هاءِ ڪورٽ۾چئلينج ڪيو ويو آهي.

 اين اي 206 تي پ پ اميدوار خورشيد شاهه جا نامزدگي فارم اپيلٽ ٽربيونل طرفان بحال ڪرڻ واري فيصلي خلاف ڪنڌرا واسي قاسم ڪانڌڙو   سنڌهاءِڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

 پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويوآهي ته نامزدگي ڪاغذن ۾خورشيد شاهه پنهنجا مڪمل اثاثا ظاهر نه ڪيا آهن.

جڏهن ته شهري حبيب الله شيخ پاران خورشيد شاهه جي پٽن پي ايس 24 جي اميدوار فرخ شاهه، زيرڪ شاهه ۽ اين اي 207 تي پ پ اميدوار نعمان اسلام شيخ جا نامزدگي فارم بحال ٿيڻ واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.

 درخواست گذارحبيب الله شيخ پٽيشن ۾موقف اختيار ڪيو آهي ته پ پ اميدوارن پنهنجا اثاثا لڪايا آهن، ان ڪري صادق ۽ امين نه رهيا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*