سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت ڏني وئي پر مينڊيٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي

سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت ڏني وئي پر مينڊيٽ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، نگران حڪومت ايف اي ٽي ايف جي پلان تي به راضپو ظاهر ڪري پنهنجي ميڊيٽ کي اورانگهيو آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر رضا رباني چيو ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون تحت ڏني وئي پر صاف شفاف چونڊون لاءِ اليڪشن ڪميشن کي سهڪار فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام  ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته نگران حڪومت اميدوارن کي سيڪيورٽي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ اها ڳالهه واضح ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته فوج کي ريٽرننگ آفيسرن جي سهڪار لاءِ ڇو طلب ڪيو ويو آهي.

سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين چيو ته نگران حڪومت ايف اي ٽي ايف جي ڏنل پلان تي به راضپو ظاهر ڪري پنهنجي ميڊيٽ کي اورانگهيو آهي، جنهن جا سياسي، مالي ۽ قومي سيڪيورٽي تي اثر پوندا.

رضا رباني چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته نگران حڪومت پيرس وڃڻ يا اتي واعدا ڪرڻ کان اڳ سينيٽ کي به اعتماد ۾ نه ورتو، ان معاملي کي سينيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ اٿاريو ويندو ۽ فيصلو ڪيو ويندو ته ايف اي ٽي ايف جي شرطن سان اتفاق ڪيو وڃي يا نه؟……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*