اليڪشن ڪميشن ٽڪيٽ تي بيان حلفي بابت درخواست تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن ٽڪيٽ تي بيان حلفي بابت درخواست تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف اميدوارن کان غير قانوني حلفي بيان ورتو ۽ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي ڇڏڻ ۽ آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ تحريڪ انصاف ۾ ٽڪيٽ جي درخواست ڏيندڙن کان بيان حلفي وٺڻ خلاف ملڪ منير جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف اميدوارن کان غير قانوني حلفي بيان ورتو ۽ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي ڇڏڻ ۽ آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي چيو ته سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ سندس شرطن تي ئي ملندي آهي، ڇا اهڙو بيان حلفي ٻين پارٽين به ورتو آهي.

 درخواستگذار جي وڪيل  چيو ته سموريون سياسي پارٽين اهڙي نموني حلف وٺي رهيون آهن، جيڪو غير قانوني آهي ۽ ڪنهن پارٽي جي منشور جو حصو ناهي، سياسي پارٽي ڪنهن کي آزاد اليڪشن وڙهڻ کان روڪي نه ٿي سگهي.

 اليڪشن ڪميشن درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 4 جولاءِ  تي طلب ڪري ورتو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*