پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آدمشماري واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ وينداسين

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آدمشماري واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ وينداسين،آدمشماري ۾ ڪراچي جي 70 لک ماڻهن کي نه ڳڻيو ويو،2013ع ۾ ڪراچي جي آدمشماري 2 ڪروڙ کان وڌيڪ هئي،2018ع ۾ انگ ڪيئن گهٽجي ويو آهي؟

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي جي شهرين جن تي 30 سال ڀروسو ڪيو، انهن کين دوکو ڏنو آهي.

هن چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي 70 لک ماڻهن کي نه ڳڻيو ويو آهي، جيڪا شهرين سان ناانصافي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته 2013ع ۾ ڪراچي جي آدمشماري 2 ڪروڙ کان وڌيڪ هئي، پوءِ 2018ع جي آدمشماري ۾ انگ ڪيئن گهٽجي ويو آهي؟

هن چيو ته ڪراچي جي شهرين جن تي 30 سال ڀروسو ڪيو، انهن کين دوکو ڏنو آهي، اسان ڪراچي وارن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*