آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير  علي جهانگير صديقي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ وائيٽ هائوس اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير  علي جهانگير صديقي چيو آهي ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ وائيٽ هائوس اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پاڪستان امريڪا، ڀارت سميت دنيا جي سمورن ملڪن سان  بهتر لاڳاپا  چاهي ٿو.

  نيويارڪ ۾ هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي علي جهانگير صديقي جو چوڻ هو ته پاڪستان  اندر دهشتگرد ڪارروائين ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، امريڪا سان فوجي امداد بابت ڪابه ڳالهيون ناهن ٿيون.

هن چيو ته پاڪستان دنيا جو وڏو گئس امپورٽر ۽ آمريڪا ايڪسپورٽر بڻجڻ وارا آهن، 6 يا 9 مهينن ۾ پاڪستان اندر ڪيئي آمريڪا جون ڪمپنيون نظر اينديون.

علي جهانگير صديقي چيو ته پاڪستان لاءِ آمريڪا جا دروازا بند ناهن،  پاڪستان سان يورپي ملڪ سيڙپڪاري ڪن پيا، آمريڪا کي به اڳتي اچڻ گهرجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*