لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي

لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ 150 فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، مختلف علائقن ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، موسميات کاتي موجب، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي، ليسڪو ترجمان موجب، برسات سبب ٽرپ ٿيل فيڊرن مان 135 کي بحال ڪيو ويو آهي.

پنجاب صوبي جي گادي واري شهر لاهور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي،  جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

برسات سبب 150 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.

برسات سبب ريواز گارڊن ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب  ريواز گارڊن چوڪي جو درائيور امانت ۽ رضاڪار شاهه زيب فوت ٿي يوا.

قرطبا چوڪ وٽ به موٽرسائيڪل سوار اڪبر بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو،  جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

برسات سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن بعد ٽريفڪ جي متاثر ٿي وئي. جڏهن ته روڊن رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پيو.

لاهور ايئرپورٽ تي به موسميات کاتي برسات جي حوالي سان وارننگ ڪري ڇڏي،

ليسڪو ترجمان موجب، متاثر 135 فيڊر بحال ٿي  چڪا آهن، جڏهن ته ڪجهه فيڊرن جي بحالي جو ڪم جاري آهي، ٽيمون لاڳيتو آپريشن ڪري رهيون آهن،

هوڏانهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 12 ڪلاڪن تائين وڌيڪ برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران خيبرپختونخوان، پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، راولپنڊي، گلگت بلتستان، هزاره ڊويزن، لاهور ۽ ٻين علائق ۾ برسات جو امڪان آهن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*