احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي

احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي، عدالت جي آءِ ٽي سربراهه کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي، شريف ڪٽنب جو وڪيل واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪندو، جڏهن ته ريفرنس تي فيصلو محفوظ ٿيڻ جو به اڄ امڪان آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪندو، جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ به احتساب عدالت ۾ پيش ٿي ويو آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ مريم نواز   بيگم ڪلثو نواز جي طبيعت خراب هئڻ سبب لنڊن ۾ موجود آهن، جنهن سبب اهي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ٿي نه سگهندا.

گذريل ڏينهن  مريم نواز جي وڪيل امجد پرويز پنهنجا حتمي دليل مڪمل ڪيا هئا، اڄ شريف ڪٽنب جو وڪيل جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ کان آڏي پڇا ڪندو.

ذريعن موجب، نيب پاران دفاعي دليلن کانپوءِ جواب نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيوويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ڏنل ڊيڊ لائين موجب 10 جولاءِ کان اڳ فيصلو ٻڌائڻ جو امڪان آهي،

ذريعن موجب، نوازشريف ۽ مريم نواز جي غير موجودگي ۾ به فيصلو ٻڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*