پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو قافلو ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان کانپوءِ رات دير سان حيدرآباد پهتو ، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو قافلو ٺٽي، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان کانپوءِ رات دير سان حيدرآباد پهتو ، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ ماضي ۾ عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، هاڻي به پاڙيندي، عوام ساٿ ڏنو ته بک ختم ڪيو پروگرام شروع ڪيو ويندو.

بلاول ڀٽو زرداري قافلي جي صورت ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪراچي کان نڪتو، ملير، ڌاٻيجي، گهارو،  ٺٽو، سجاول، گولاڙچي، بدين، ٽنڊو محمد خان کان ٿيندو رات دير سان حيدرآباد پهتو، جتي پ پ جيالن سندس شاندار آجيان ڪئي.

مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا، اسان به سندس ڏيکاريل واٽ تي هلندي ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  دل جي بيمارين جي علاج لاءِ 8 اسپتال ٺاهيا ويا جن ۾ مفت علاج ڪيو پيو وڃي.

بلاول چيو ته هو ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻيندا ۽ غريب هارين کي ڪسان ڪارڊ جاري ڪري سندن مالي مدد ڪئي ويندي.

هن چيو ته پ پ هميشه غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي،جيئن توهان شهيد بينظير جو ساٿ ڏنو  ايئن هاڻي منهنجو ساٿ ڏيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  چيو ته پيپلزپارٽي جو عوام سان پراڻو ڳانڍاپو آهي، پ پ تشدد واري سياست تي يقين نٿي رکي، عوام تشدد واري سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو.

بلاول چيو ته پهريون ڀيرو هو عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ آيو آهي، عوام تير جي نشان تي ٺپو هڻي پ پ کي ڪامياب ڪري.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري ۾ هزارين ڪارڪنن جي شاندار آجيان مخالفن کان برداشت نه ٿي، تنهن ڪري ريلي تي پٿراءُ ڪرايو ويو.

ان کان اڳ ڪراچي جي علائقي ملير ۽ گلشن حديد، ٺٽو، سجاول، گولاڙچي ۽ بدين  جي دوري دوران عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*