مسلم ليگ ن فيصل آباد ۾ 7 جولاءِ تي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهبازشريف ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته

مسلم ليگ ن فيصل آباد ۾ 7 جولاءِ تي جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهبازشريف ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نون ليگ جي اڳوڻي ايم پي اي الياس انصاري جا نامزدگي ڪاعذ رد ٿي ويا آهن، ن ليگ صورتحال کي ڏسندي مهر حامد رشيد کي ٽڪيٽ ڏني، الياس انصاري به فيصلي کي تسليم ڪيو آهي.

فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر الياس انصاري جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿي چڪا آهن، الياس انصاري جو ٽربيونل ڪورٽ ۾ رٽ جو فيصلو دير سان آيو،

هن چيو ته ن ليگ صورتحال کي ڏسندي مهر حامد رشيد کي ٽڪيٽ جاري ڪئي، الياس انصاري پارٽي جي فيصلي کي تسليم ڪيو آهي،

راڻا ثناءُ الله چيو ته الياس انصاري ن ليگ جو اهم اڳواڻ ۽ خيرخواهه آهي، 7 جولاءِ تي ن ليگ ڌوبي گهاٽ گرائونڊ ۾ پاور شو ڪندي،  شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*