سنڌ هاءِ ڪورٽ، چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي پوليس کان 19 جولاءِ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي پوليس کان 19 جولاءِ تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملي ڪيس ۾ گرفتار ٽارگيٽ ڪلر ڪامران ماڌوري سميت چئن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ٽارگيٽ ڪلر ڪامران ماڌوري جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته سندس اصيل خلاف جوڳا ثبوت ناهن پيش ڪيا ويا، سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت پوليس کي هدايت ڪئي ته 19 جولاءِ تائين جوابدارن جو فائل ۽ وڌيڪ ثبوت پيش ڪيا وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ ۽ مئجسٽريٽ جي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*