سنڌ هاءِ ڪورٽ انتظار قتل ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن جي ضمانت واري درخواست تي فريادي ڌر جي وڪيل کي تياري لاءِ 19 جولاءِ تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ انتظار قتل ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن جي ضمانت واري درخواست تي فريادي ڌر جي وڪيل کي تياري لاءِ 19 جولاءِ تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انتظار قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وڌيڪ ٻن پوليس اهلڪارن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدين عدالت ۾ وڪالت نامو جمع ڪرائيندي چيو ته پوليس اهلڪار انتظار کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو، کين ضمانت تي آزاد نٿو ڪري سگهجي.

وڪيل صلاح الدين عدالت کان استدعا ڪئي ته کيس ڪيس جي تياري لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت وڪيل کي مهلت ڏيندي ڪيس ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*