ڳڙهي خيرو ويجهو واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ 2 ٻار وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا،وارثن جو چوڻ آهي ته تلائن کي چوديواري نه هئڻ سبب  واقعو پيش آيو آهي

ڳڙهي خيرو ويجهو واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ 2 ٻار وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويا،وارثن جو چوڻ آهي ته تلائن کي چوديواري نه هئڻ سبب  واقعو پيش آيو آهي.

ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾  8 ورهين جي صائمه ۽ 7ورهين جو حسنين جوڻيجو گهرن ڀرسان واٽر سپلاءِ جي تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا.

وارثن ٻنهي ٻارن کي بيهوشي جي حالت ۾ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ٻئي ٻار فوت ٿي ويا.

ٻڏي فوت ٿيل ٻارن جي وارث استاد عبدالحڪيم جوڻيجو ٻڌايو ته واٽر سپلاءِ جي تلاءَ کي چوديواري ۽ چوڪيدار موجود نه هئڻ سبب واقعو پيش آيو آهي.

وارثن اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي واٽر سپلاءِ کي چوديواري ڏياري وڃي ته جيئن اهڙن حادثن کان بچي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*