پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لياري ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس جاري 5 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي لياري ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس جاري 5 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته هنن لياري دوري بابت انتظاميا کي آگاهه ڪيو هو.

ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته پهرين جولاءِ تي لياري ۾ نڪتل ريلي بابت انتظاميا کي آگاهه نه ڪري ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر پ پ چيئرمين کي 5 جولاءِ تائين ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي بابت جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وضاحت نه ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

هوڏانهن پ پ اڳواڻ سعيد غني وضاحت ڪندي چيو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لياري ۾ ريلي نه پر دورو ڪيو هو.

واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم جي شروعات لياري مان ڪئي هئي، جنهن دوران سندس قافلي تي پٿراءُ به ڪيو ويو هو.

پ پ چيئرمين بلاول جي قافلي تي پٿراءُ جو چار سئو کان وڌيڪ ماڻهن تي ڪيس به داخل ڪرايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*