نقيب قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل کي مبينا ڌمڪين خلاف آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کي خط لکي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

نقيب قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل کي مبينا ڌمڪين خلاف آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کي خط لکي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

فريادي ڌر جي وڪيل فيصل صديقي ايڊووڪيٽ آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کي خط لکيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته رائو انوار جا ساٿي ڪيس جي پيروي ڪرڻ تان سيف الرحمان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ايڊووڪيٽ فيصل صديقي خط ۾ چيو آهي ته رائو انوار جا ساٿي سيف الرحمان کي ڪيس کان ڌار ٿيڻ لاءِ فون تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

خط موجب، سيف الرحمان اين اي 242 تي هڪ سياسي پارٽي جو اميدوار به آهي، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*