پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ ڪراچي پهچي رهيو آهي، اين اي 243 ۽ 245 تان چونڊ مهم شروع ڪندو، جڏهن ته لاهور ۾ برسات سبب عمران خان جي ڪراچي راونگي ۾ دير ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، عمران خان اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي رهيو آهي، ڪراچي ايئرپورٽ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ سندس آجيان ڪندا.

عمران خان اين اي 243 ۽ 245 تان چونڊ مهم شروع ڪندو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪندو.

هوڏانهن برسات سبب لاهور ايئرپورٽ تي اڏامن جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري عمران خان جي ڪراچي آمد ۾ دير ٿي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*