فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي هڪ ميچ ۾بيلجيم جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد جاپان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي هڪ ميچ ۾بيلجيم جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد جاپان جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

روس جي شهر روسٽو اون ڊون ۾ کيڏي ويل پري ڪوارٽر فائنل مرحلي جي سلسلي واري ميچ جي پهرين هاف جي چوٿين منٽ ۾ بيلجيم جي چاڊلي گول اسڪور ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري ورتي.

جاپان پاران ميچ جي 48هين منٽ ۾ گارگوچي ۽52هين منٽ ۾ انوئي گول ڪري ٽيم کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن جي برتري ڏياري ورتي.

بليجيم جي رانديگرن شادندار انداز سان راند ۾ واپسي ڪئي ۽ ميچ جي 69هين منٽ ۾ ورٽوهين ۽47هين منٽ ۾ فيلائين گول ڪري ٽيم کي جاپان خلاف ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*