فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميڪسيڪو جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي

 فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ برازيل جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميڪسيڪو جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

روس جي شهر سامارا ۾ کيڏي ويل پري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ کيڏي ويل ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ جي پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول اسڪور ڪرڻ ۾ڪامياب نه ٿي سگهي.

ميچ جي ٻئي هاف جي 51هين منٽ ۾ اسٽار فٽبالر نيمار جونيئر گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري ورتي ۽ ميچ جي 88هين منٽ ۾ برازيل پاران فرمينو ٻيو گول اسڪور ڪري ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي طرح برازيل ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*