فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پريڪوارٽرفائنلز ۾ اڄ سويڊن جي ٽيم سوئيٽرزلينڊ سان مقابلو ڪندي

فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي پريڪوارٽرفائنلز ۾ اڄ سويڊن جي ٽيم سوئيٽرزلينڊ سان مقابلو ڪندي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪولمبيا جي ٽيم انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندي.

روس جي مختلف شهرن ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ پري ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ اڄ جي پهرين ميچ ۾ سويڊن ۽ سويٽزرلينڊ جون ٽيمون سينٽ پيٽرسبرگ جي اسٽيڊيم ۾ هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

ميگا ايونٽ جي ٻي ميچ روس جي گادي واري شهر ماسڪو جي سپارڪا اسٽيڊيم ۾ ڪولمبيا ۽انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*