سپريم ڪورٽ فلاحي مرڪزن تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ جا تفصيل طلب ڪندي سمورين ڌرين کان آبادي گهٽ ڪرڻ جي حوالي تجويزون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ فلاحي مرڪزن تي خرچ ٿيندڙ بجيٽ جا تفصيل طلب ڪندي سمورين ڌرين کان آبادي گهٽ ڪرڻ جي حوالي تجويزون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، اسان ڪهڙي چڪر ۾ ڦاسي ويا آهيون ته گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ اسلام جي خلاف آهي، ملڪ ۾ تيزيءَ سان آبادي وڌي رهي  آهي، ڇا ملڪ ايڏي سگهه رکي ٿو ته هڪ گهر ۾ 7 ٻار پيدا ٿين؟ ايوب خان جي دور ۾ به آبادي ۾ واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاليسي هئي، ٻڌايو وڃي ته وفاقي حڪومت آبادي کي روڪڻ لاءِ ڪيترو پئسو خرچ ڪيو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ آبادي کي روڪڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، اسان ڪهڙي چڪر ۾ ڦاسي پيا آهيون ته گم ٻار پيدا ڪرڻ اسلام جي خلاف آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا ملڪ هڪ گهر ۾ 7 ٻارڙن جي پيدا ٿيڻ جي قابل آهي، ڇا ملڪ ۾ ايترا وسيلا آهن، عوامي آگاهي مهم به ٻڙِ آهي.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار چيو ته ملڪ ۾ آبادي ۾ اضافو ٿيو آهي، چين پنهنجي آبادي ڪنٽرول ڪئي آهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنيديال چيو ته مناسب وقفي جي حوالي سان قرآن ۾ به آيتون موجود آهن.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته وفاقي حڪومت آبادي ۾ اضافي تي ضابطو آڻڻ لاءِ هن وقت تائين ڪيترا پيسا خرچ ڪيا آهن.

چيف جسٽس چيو ته ايوب خان جي دور ۾ به آبادي ۾ واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پاليسي هئي، الله جي نالي تي رياست کي قائم ڪيو ويو، هن رياست کي اڳتي هلڻو آهي،

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته پنجاب حڪومت ٻڌائي ته فلاحي مرڪزن تي ڪيتري بجيٽ خرچ ٿي، سموريون ڌريون آبادي گهٽائڻ بابت تجويزون پيش ڪن..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*