اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن موجب، سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي 3 هزار 675 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 8 هزار 895 اميدوارن ميدان ۾ لٿل آهن،

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن،

اليڪشن ويب سائيٽ تي جاري ڪيل انگ اکرن موجب، سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي 3 هزار 675 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين لاءِ 8 هزار 895 اميدوارن ميدان ۾ لٿل آهن،

بلوچستان جي قواسيمبلي جي سيٽن لاءِ 303 ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1007 اميدوار حصو وٺندا،

خيبرپختنخواهه مان قومي اسيمبلي لاءِ 760 ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ هڪ هزار 264 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.

پنجاب مان قومي اسيمبلي لاءِ هڪ هزار 696 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي لاءِ 4 هزار 242 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

سنڌ مان قومي اسيمبلي لاءِ اميدوارن جو تعداد 872 آهي، جڏهن اسنڌ اسيمبلي لاءِ 2 هزار 382 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن.

هوڏانهن قومي اسيمبلي جي اقليتن جي سيٽن لاءِ 44 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو،

واضح رهي ته عام چونڊن 25 جولاءِ تي رهيون آهن، جنهن لاءِ امدوارن پنهنجيون سياسي سرگرميون به تيز ڪري ڇڏيو آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*