اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري ڪيس ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري ڪيس ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته، جيڪڏهن زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ هو ته هڪ ئي فون تي ڇو ڪڍيو ويو، هي ڪا بادشاهت نه آهي جو صوابديدي اختيار استعمال ٿين.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جج جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي ويجهي دوست زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران جج جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ فون تي شيون هوڏانهن کان هيڏانهن ٿي وڃن ٿيون، جيڪڏهن نالو بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو هو ته هڪ فون تي ڇو ڪڍيو ويو؟

جسٽس عامر فاروق پڇا ڪئي ته بليڪ لسٽ مان نالو ڪڍڻ بابت ڪهڙو قانون آهي، درخواست اي سي ايل جي آئي ۽ نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيوويو.

ٻُڌڻيءَ دوران اٽارني جنرل ٻڌايو ته، قانون واري وزارت گهرو وزارت جي تجويز جي توثيق ڪئي ۽ صوابديدي اختيارن تحت زلفي بخاري کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ زلفي بخاري جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري ڪيس ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*