زمبابوي جي گادي واري شهر هراري ۾ جاري ٽي-ملڪي سيريز جي ٻيئن ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي ٽيم کي 9وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

زمبابوي جي گادي واري شهر هراري ۾ جاري ٽي-ملڪي سيريز جي ٻيئن ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي ٽيم کي 9وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي،قومي ٽيم سڀاڻي زمبابوي سان ميچ کيڏندي.

زمبابوي جي گادي واري شهر هراري ۾ جاري ٽي-ملڪي ڪرڪيٽ سيريز جي ٻين ميچ ۾ ڪينگروز جي ٽيم جي ڪپتان آرون فنچ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

قومي ٽيم جا بيٽسمين اهم ميچ ۾ ڪينگروز جي بالرز آڏو بيوس نظر آِيا ۽ 47جي مجموعي اسڪور تي پنج بيٽسمين آئوٽ ٿي پويلين واپس ٿيا.

قومي ٽِيم 19ڏهائي 5 اوورس ۾ صرف 116رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ شاداب خان 29،آصف علي 22،فهيم اشرف 21، شعيب ملڪ 13، سرفراز احمد 4، حسين طلعت 10، فخرزمان 6۽پروفيسر محمد حفيظ ڪابه رنز اسڪور نه ڪري سگهيو.

آسٽريلوي ٽيم پاران بلي اسٽانڪلي چار اوورس ۾ صرف 8رنز عيوض چار، اينڊريو ٽاءِ 38رنز ڏئي ٽي، جڏهن ته رچرڊسن ۽سٽوئنز هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آسٽريلوي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 117رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 10ڏهائي 5 اوورس ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

ڪينگروز جي ٽيم پاران  ڪپتان آرون فنچ 33بالن تي ڇهه ڇڪن ۽چار چونڪن جي مدد سان 68رنز ۽ٽريوس هيڊ 20رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

 پاڪستان پاران حسن علي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*