خيرپور ڀرسان ڳوٺاڻن بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي عام چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي

خيرپور ڀرسان ڳوٺاڻن بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي عام چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، هنن چيو ته جن کي سدائين ووٽ ڏنا انهن ڳوٺ کي ڪو به ترقياتي منصوبو نه ڏنو آهي.

 احمد پور واري علائقي جي ڳوٺ مصري فقير مري جي رهواسين مصري خان مري، غلام نبي مري ۽ منطور علي مري جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن ڳوٺاڻن ٻڌايو ته جن پارٽين کي هنن ووٽ ڏنو انهن سندن مسئلا حل نه ڪيا، ڳوٺ کي پڪن رستن سميت گندي پاڻي نيڪال وارو نظام به ناهي.

 هنن چيو ته بنيادي سهولتون ميسر نه هئڻ ڪري هو مسئلن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، اهوئي سبب آهي جو هنن 25 جولاءِ تي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته جيڪا پارٽي سندن مسئلا حل ڪندي ووٽ صرف انهي پارٽي کي ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*