ٺل ۾ زمين تي بااثر جي مبينا قبضي خلاف سرڪي برادري جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺل ۾ زمين تي بااثر جي مبينا قبضي خلاف سرڪي برادري جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ عودي جي رهواسي سرڪي برادري جي ماڻهن عبدالواحد سرڪي، ماجد، شاهه رخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن زمين تي بااثر شخص بشير احمد سرڪي قبضو ڪيو آهي.

 هنن چيو ته مختلف عملدارن وٽ دانهڻ باوجود ڪو به عملدار تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

 هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*